Wednesday, September 6, 2017

حضرت عثمان جي خلافت ۾ سنڌ ايندڙ حڪيم بن جبله جي سوانح عمري

حضرت عثمان غني جي خلافت  ۾ حڪيم بن جبله عبدي نالي ھڪ عرب جو سنڌ طرف اچڻ ۽ سنڌ  متعلق حضرت عثمان کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو تذڪرو مختلف اسلامي تاريخن ۾ متواتر ملي ٿو، حڪيم بن جبله ڪير ھو؟

 حکیم بن جبله بن حصن بن اسود بن ڪعب عبدی، سندس تعلق عرب جي قديم ۽ مشھور قبیله بنو عبد القیس سان ھو. سندن وطن بحرين ھو، حضور صلعم جن جي اعلان رسالت کان پوء پنھنجي قبيلي جي معززين سان گڏ بارگاھ رسالت  مآب ۾ حاضر ٿي اسلام قبول ڪيو. قبول اسلام کان اڳ به سندن خاندان بت پرستي جو سخت مخالف ھو.(  اسدالغابه عربي، جلد 2 ص 40) حضرت عمر بن خطاب رضه جي دور خلافت ۾ پنھنجي خاندان سميت ھجرت ڪري بصري ۾ آباد ٿيا. حضرت عثمان بن عفان خلافت سنڀالڻ کان پو بصري جي گورنر عبد الله بن عامر کي خط لکي ھدايت ڪئي ته ھو ڪنھن نيڪ، ھوشيار ۽ لائق انسان کي سنڌ ملڪ جا حالات جاچڻ لاءِ روانو ڪري جيڪو اتي گهمي ڦري اتان جي حالت بابت کيس روبرو پوري رپورٽ ڪري.( نوٽ: ان وقت سنڌ تي راجا چچ جي حڪپمت ھئي.) خليفي جي ھدايت مطابق عبدالله بن عامر اھا ذميداري حضرت حڪيم بن جبله عبدي کي سونپي. حضرت حڪيم فارس کان مڪران پھچي سنڌ جي حالات جو مڪمل جائزو ورتو ۽ اتان واپس بصري ۽ بصري کان مديني اچي حضرت عثمان کي رپورٽ پيش ڪئي سنڌ بنجر ۽ خشڪ علائقو آ اتي جو پاڻي کارو ۽ ميوا ڪڙا آھن، ماڻھون سخت جان ويڙھاڪ جن تي قابو رکڻ مشڪل آ، اگر لشڪر جو تعدا گھٽ ھوندو ته شڪست کائيندو ۽ اگر تعداد گهڻو ھوندو ته خوراڪ جي قلت جي ڪري بک مري ويندو. سندس رپورٽ ٻڌي حضرت عثمان سنڌ تي ڪاھ ڪرڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو. ان کان پو حضرت حڪيم بن جبله عبدي به بصره واپس موٽي ويو.( فتوح البلدان )
 حضرت عثمان بن عفان جي خلافت جي آخري ڏينھن ۾ سندس خلاف مختلف شھرن ۾  احتجاج شروع ٿيا ته حضرت حڪيم بن جبله به بصري مان 100 ماڻھن جي وفد سان مديني پھتو. مديني ۾ ڪوفي، بصري، مصر ئ ٻين علائقن جا ھزارين مسلمان پنھنجن علائقن ۾ قصر خلافت پاران مقرر ڪيل بنو اميه گورنرن جي بد اعمالين ۽ ظلمن خلاف شڪايتون کڻي گڏ ٿيا ھئا ۽ انھن کي تبديل ڪرڻ سندن مک مطالبو ھو. ليڪن بد قسمتي سان ھن معاملي انجام حضرت عثمان جي قتل تي وڃي انتھا ڪئي.( اسد الغابہ عربي)
 حضرت عثمان کان پوء مسلمانن حضرت علي عليه السلام جي بعيت ڪئي. حضرت علي عليه السلام جن حضرت عثمان بن حنيف کي بصري جو گورنر مقرر ڪيو. ستت ئي حضرت علي عليه السلام جي خلاف طلڄه و زبير ۽ ام المومنین بي بي عائشه جي قيادت ۾ پھرين بغاوت شروع ٿي. انھن مڪي مان بصري ڏانهن چڙھائي ڪئي. بصري جي گورنر حضرت عثمان بن حنيف باغين سان ڳالهيون ڪيون ۽ ٻئي ڌريون ان ڳالھ تي راضي ٿيون ته حضرت علي عليه السلام جي اچڻ تائين اھل جمل بصري جي شھرين توڙي سرڪاري اعمال خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪندا. ليڪن بدقسمتي سان اھل جمل پنھنجي واعدي جي برخلاف عثمان بن حنيف جي رھائشگاه تي حملو ڪري 40 محافظن کي قتل ڪيو ۽ عثمان بن حنيف کي گرفتار ڪري ام المومنین بي بي عائشه وٽ پيش جنھن سندس قتل جو حڪم ڏنو، مگر  سندن ئي لشڪر جي سردارن جي ناراضگي سبب قتل جو فيصلو واپس وٺي کيس 40 تازيانه ھڻڻ ۽ ڏاڙھي مڇن جا وار ھڪ ھڪ ڪري پٽڻ جي سزا ڏني.
 اھا خبر جڏنھن صبح جو حضرت حڪيم بن جبله کي پئي جيڪو پنھنجي قبيلي سميت بصري ٻاھران رھندو ھو ته فورن پنھنجي قبيلي جا 700 جوان گڏ ڪري بصري پھتو. بصري جي محلي زابوقه ۾ ٻئي ڌريون آمھون سامھون ٿيون. حضرت حڪيم بن جبله زبير بن عوام کي ڳالهين لاء سڏيو ۽ سندس اڳيان مطالبو ڪيو ته توھان واعدي خلافي ڪندي حضرت عثمان بن حنيف جي گهر تي حملو ڪري سندس محافظن کي قتل ڪيو ۽ کيس گرفتار ڪري بي گناہ سزا ڏني ان کي فوري طور آزاد ڪريو ۽ پنھنجي لشڪر کي به بصري شھر کان ٻاھر ڪڍي ترسايو ايتري وقت تائين جيستائين امير المومنين علي عليه السلام جن پاڻ بصري پھچي معاملي جو فيصلو ڪن مگر اھل جمل انڪار ڪري سندس خلاف جنگ ڇيڙي، ھن جنگ کي تاريخ ۾ جنگ جمل صغير جي نالي سان سڏيو ويو آ. شديد جنگ ۾ حضرت حڪيم بم جبله جا سمورا سپاھي شھيد ٿي ويا، حڪيم بن جبله کي اھل جمل جي ھڪ سپاھي پير ۾ تلوار ھڻي زخمي ڪيو مگر ان حالت ۾ به پاڻ گهوڙي تا لھي ان سپاھي کي قتل ڪيو ۽ پيدل ئي وڙھندو رھيو. آخر ڪار لڙائي دوران سخت زخم کائي شھادت جو جام نوش ڪيو.( اسدالغابه جلد 2، تاتيخ طبري جلد 3 عربي)
اھا خبر جڏنھن اميرالمومنين حضرت علي عليه السلام کي پئي ته پاڻ سخت غمگين ٿيا. ان وقت امير المومنين  علي عليه السلام جن جو قافلو عبد القيس ۽ بڪر بن وائل جي درميان محو سفر ھو. مولا علي عليه السلام حضرت حڪيم بن جبله ۽ سندس جوانن جي بھادري جي تعريف ڪئي ۽ ڪجه شعر به پڙھيا.
( الڪامل في التاريخ عرڀي جلد 2، تاريخ طبري عربي جلد 4، اعيان الشيعه فارسي جلد 6)