آزادي خدا جي نعمت آ، آزادي جو قدر اھي ئي ڪندا آھن جن ۾ آفاقي انساني قدر بدرجه اتم موجود ھوندا. اھڙا انسانن اڳيان آزادي ٻين سڀني شين کان وڌيڪ اھم ھوندي آ.
سنڌ ڌرتي تاريخ جي قديم دور کان وٺي عظيم آفاقي انساني قدرن جي محافظ رھي آ، قديم سنڌو تھذيب جي آثارن مان ڪنھن ھٿيار جو نه ملڻ ئي ان ڳالھ جو چٽو ثبوت آ ته ھن ڌرتيءَ جا رھواسي انتھائي امن پسند ۽ انسان دوست ھوا. سنڌ واسين جي آزادي پسندي ان مان به واضع آ ته ھتان جي ماڻھن ڪڏنھن به ٻين قومن تي حملو ڪري کين غلام بنائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. ھر ڀيري ٻاھرين ڌارين قومن سنڌ تي ڪاھون ڪري سنڌين کي پنھنجو غلام بنايو پر ھتان جي پر امن ماڻھن کي پنھنجو غلام بنايو، لکين بيگناهه انسان به قتل ڪيا ته آباد شھرن، وستين واھڻن کي تاراج ڪري ڌرتي تان سندن وجود ئي ميساري ڇڏيو.
اھڙن آزادي پسندن ۾ ضلعي دادو جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ "ٽلٽي“ جي رھواسين جو نالو سنڌ جي تاريخ ۾ ھميشه سونھري اکرن ۾ لکيو ويندو جن منگول نسل مرزا شاھ بيگ ارغون جي سنڌ تي ڪاھ خلاف مزاحمت ڪري ارغون لشڪر جو پورو جنگي پلان ئي تھس نحس ڪري ڇڏيو.
پنھنجي سلطنت مغل بادشاه بابر ھٿان کسجڻ کان پوء مرزا شاه بيگ ارغون جي نظر سنڌ تي پئي جنھن ۾ ان وقت سمه حاڪم ڄام نندو جي حڪمراني ھئي. سندس دور حڪومت کي سنڌ جو سونھري دور به سڏجي ٿو. سن 923 ھجري ۾ مرزا شاھه بيگ ارغون قنڌار شھر بابر حوالي ڪري پاڻ شال( ڪوئيٽا ) ۾ رھڻ لڳو مگر سندس نظر سنڌ جي اترين پرڳڻي سبي تي ھئي. شال ۾ ڪجه عرصو رھي ارغون لشڪر سبي تي قبضو ڪيو مگر ڄام نندي پنھنجي بھادر سپھ سالار دولھ دريا خان جي اڳواڻي ۾ لشڪر موڪلي ارغونن کي زبردست مقابلي کان پو سبي مان تڙي ڪڍيو. ان لڙائي ۾ اترغونن جو ناميارو سالار ابو محمد مرزا مارجي ويو ۽ بچيل ارغون فوجي فرار ٿي ويا. دريا خان سبي جي قلعي جو انتظام ڪري واپس ٺٽي موٽي ويو. ان ئي سال جي آخر ۾ ڄام نندو وفات ڪري ويو ۽ سندس جاءِ تي ڄام فيروز حڪومت سنڀالي..
ٺٽي ۾ پناھگير مير قاسم ڪيبڪي ارغون جيڪو ڪجه وقت اڳ قنڌار ۾ خون ڪري اچي ھتي لڪو ھو ۽ ڄام نندي وٽ نوڪري ڪندو ھو تنھن شال پھچي مرزا شاھ بيگ کي ٺٽي جي حالات کان واقف ڪيو ۽ کيس ٺٽي تي قبضو ڪرڻ جي ترغيب ڏني.
سن 924 ھجري ۾ مرزا شاه بيگ ٺٽي فتح ڪرڻ لاء لشڪر تيار ڪري روانو ٿيو. سندس منصوبي ۾ پھريون ٽارگيٽ سيوھڻ جو قلعو فتح ڪرڻ ھو. ارغون لشڪر جڏهن چانڊڪا ٽپي سيوھڻ جي حد باغبان ۾ جمع ٿيو ته باغبان ۽ اوسي پاسي جا زميندار ۽ ملڪ شاه بيگ وٽ حاضري ڀرائي جان مال سان خدمتگذاري ڪري سندس مھرباني جي نظر جا حقدار ٿيا مگر ٽلٽي ۾ دريا خان جي پٽن متن خان ۽ محمود خان افرادي قوت توڙي وسيلن جي ڪمي باوجود مقابلي لاءِ تيار ٿي ويا. شاه بيگ مجبور ٿي پنهنجو منصوبو تبديل ڪندي لڪي جي جبلن مان لشڪر وٺي وڃي ٺٽي نڪتو.
11 محرم 926 ھجري تي مرزا شاھه بيگ ٺٽي جد ٻاھران پھتو. ڄام فيروز اڳئي ٺٽو ڇڏي چڪو ھو ۽ دريا خان کي به سپه سالاري تان معزول ڪري چڪو ھو ليڪن ان جي باوجود دولھ دريا خان پنھجي سر سرفروش گڏ ڪري ارغونن سان سامھون ٿيو، بقول مير معصوم بکري جي اھڙي سخت جنگ لڳي جهن جي بيان کان قلم قاصر ا. آخرڪار دريا خان قبتاش نالي ھڪ ارغون ھٿان شھيد ٿيو ۽ ارغون لشڪر فاتح جي حيثيت ۾ ٺٽي ۾ داخل ٿيو.
تاريخ معصومي جو مصنف مير معصوم بکري لکي ٿو ته ارغون 20 محرم تائين ٺٽي جي رھاڪن کي لٽيندا ڦريندا ۽ قتل ڪندا رھيا. نيٺ ان وقت جي عالم فاضل قاضي قاضن جي ڪوشش سان ٺٽي واسين مٿان اھا مصيبت ختم ٿي. شاه بيگ ٺٽي مان فارغ وري ٻيھر سيوهڻ جو رخ ڪيو. سيوھن ان وقت شاه بيگ جي غلامي قبول ڪندڙ ڄام فيروز جي حد ۾ ھيو انڪري سنڌي جوڌن ٽلٽي جي ڪمزور ۽ ننڍڙي قلعي کي پنھنجي مزاحمت جو مرڪز بنايو. آسپاس جي سھتن ۽ سوڍن اھو وچن ڪيو ته جيستائين جان رھندي تيستائين جنگ تان ھٿ نه کڻبو.
شاه بيگ سيوهڻ جو قلعو بنا مزاحمت جي ھٿ ڪري، مير عليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگ لار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي سيوهڻ ۾ ڇڏي، سلطان محمود ڪوڪلتاش کي بکر اماڻيو ۽ پاڻ ٻار ٻچا وٺي اچڻ لاء ڪوئيٽا روانو ٿيو ۽ قاضي قاضن کي ٽلٽي جي سنڌين کي راضي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائين ته کين سمجهائي ريجهائي بنا مزاحمت جي شاه بيگ ارغون جي بعيت ڪرڻ لاء راضي ڪري. مگر دريا خان جي پٽ محمود خان جي قيادت ۾ سنڌي جوڌن قاضي قاضن جي صورت ڏسڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. ان بھادر سرفروشن جا اڳواڻ ھوا دولھ دريا خان جا ٻه پٽ متن خان ۽ محمود خان، رڻ مل سوڍو ۽ ڄام سارنگ خان سھتو ۽ سندن رھبر ھو مخدوم بلاول.
آخرڪار شاھ بيگ جي ڪمان ۾ لشڪر ٽلٽي جي قلعي تي حملو ڪيو سوڍا ٽلٽي جي مزاحمتي لشڪر ۾ سڀني کان اڳرا ھئا سي سڀ خارجي لشڪر ھٿان شھيد ٿيا ۽ 3 ڏينهن جي لڙائي کان پو شاه بيگ ٽلٽي فتح ڪري سنڌين سرفروشن جي نشان ٽلٽي جي قلعي جو نالو نشان ئي مٽائي ڇڏيو.

1 comment:
It was called Bilawali Movement?
Makhdoom Bilawal was the man behind this movement who also lead the campaign as well.
Post a Comment