چچ نامي کان صديون اڳ بلاذري( متوفي 279 ہجري) پنھنجي ڪتاب فتوح البلدان ۾ فتوحات السند جي باب ۾ سنڌ جي ان دور جا حالات ۽ واقعات لکيا آھن.
خود چچ نامي جي مصنف به تاريخي واقعات ان تان ڪاپي ڪيا آھن مگر پنھنجي پاران ان ۾ اضافي ڪرڻ لاء ڪافي مرچ مصالحہ ۽ ڪوڙ به داخل ڪيا آھن.
ٻنھي ڪتابن جي ڀيٽ ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته چچ نامي ۾ لکيل داستان ته ڏاھر پنھنجي ڀيڻ سان شادي ڪئي مگر ان سان زال وارو رشتو قائم نه ڪيو، بلاذري جي فتوح البلدان ۾ ان قسم جو ڪو به احوال ڪو نه ٿو ملي.
چچ نامي جو ٻيو ڪوڙ ته راجا ڏاھر جي قتل کان پوء محمد بن قاسم سندس ٻن ڪنوارين ڌيئرن کي قيد ڪري تحفي طور حجاج بن يوسف ڏانھن روانو ڪيو ۽ ان وري کين خليفي وليد بن عبد الملڪ ڏانھن جتي انھن ڇوڪرين محمد بن قاسم کان بدلي وٺڻ لاء ڪوڙ ڳالهايو ته محمد بن قاسم اڳ ۾ ئي انھن کي خليفي جي خدمت ڪرڻ لائق نه چڏيو آ... ۽ ان ڳالهه تان خليفي پاران ڪاوڙجي محمد بن قاسم کي جيئري گڏھ جي کل ۾ سبرائي دمشق روانو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪرڻ ۽ محمد بن قاسم پاران خليفي جي فرمان تي لبيڪ چئي عمل ڪرڻ ۽ دوران سفر سندس مري وڃڻ... اھي نسورا ڪوڙا داستان يا ته چچ نامي جي اصل عربي مسودي لکڻ واري نا معلوم شخص جا گهڙيل آھن يا وري گهڻو امڪان ته ان جو فارسي ترجمو ڪندڙ، تاريخ جي نامعلوم عالم "علي ڪوفي" پاران شامل ڪيا ويا آھن. اصل عربي مسودو ناپيد آ مگر علي ڪوفي جي انداز ۽ سندس پاران لکيل تعارف مان ئي واضع آھي ته ھن جا معاشي حالات خراب ھوا انڪري ئي ھو 58 سالن جي عمر ۾ پنھنجو آبائي وطن ڪوفو ڇڏي ملتان آيو ۽ ھتان جي والي جي وزير جي خوشنودي حاصل ڪري انعام اڪرام ۽ عھدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ھيو. چچ نامي جو ترجمو به ھن ان ئي نيت سان ڪيو ۽ ان کي پنھنجي محسن وزير ڏانھن منسوب ڪرڻ بابت به پاڻ ئي لکيو اٿس.
چچ نامي جي ڀيٽ ۾ بلاذري جي ڪتاب فتوح البلدان ۾ راجا ڏاهر پاران ڀيڻ سان شادي ڪرڻ جو ڪو به ذڪر ڪونھي. بلڪه ان واضع لکيو آ ته ڏاھر جي ھڪ ئي گهر واري ھئي.
بلاذري موجب جڏنھن راجا ڏاھر جي مارجڻ جي خبر اروڙ پھتي ته راجا ڏاھر جي گهر واريءَ پنھنجي ڌيئرن، ٻانھين ۽ خزاني سميت باھ ۾ سڙي زندگين جو خاتمو ڪيو ته جيئن ھو فاتح دشمن جي ھٿان قيدي نه ٿين.
بلاذري مطابق حجاج جي موت خبر ملڻ وقت محمد بن قاسم ملتان ۾ ھو. جتان پو ترت واپس اروڙ آيو ته جيئن فتح ڪيل ملڪ جي مرڪز ۾ ويھي اساني سان انتظام درست رکي سگهي. ۽ پاڻ اروڙ ۾ ويھي ڪڇ ۽ گجرات طرف لشڪر موڪليا.
ان کان پوء جڏنھن خليفو وليد بن عبد الملڪ وفات ڪري ويو ۽ خلافت جو تخت سندس ڀاء سليمان بن عبد الملڪ سنڀاليو ته ان صالح بن عبدالرحمان کي عراق جو گورنر مقرر ڪيو ۽ يزيد بن ابو ڪبشه سڪسڪي کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو جنھن سنڌ پھچي محمد بن قاسم ۽ معاويه بن مهلب کي قيد ڪري عراق جي گورنر صالح بن عبد الرحمان ڏانھن موڪليو. بلاذري محمد بن قاسم ڏانھن منسوب ھڪ شعر به لکيو آ جنھن ۾ ھو افسوس ڪندي چوي ٿو ته اگر کيس موقعو ملي ھا ته سڪسڪي جي لشڪر کي پنھنجي زمين تي( سنڌ) تي پير پائڻ نه ڏيان ھا ۽ نه ئي قبيله عڪ جو ڪو شخص مون تد حاڪم ٿئي ھا ۽ نه مان معمولي عماني غلام جو تابع فرمان ٿيان ھا...
صالح بن عبد الرحمان جي ڀاء آدم کي حجاج قتل ڪيو ھو ان جي بدلي ۾ صالح محمد بن قاسم کي قيد ۾ سخت اذيتون ڏيندو ھو ۽ نيٺ ڪجه وقت کان پوء کيس مارائي ڇڏيائين.

No comments:
Post a Comment