Sunday, August 20, 2017

چچ نامو؛ سنڌ جي تاريخ يا تاريخي ناول؟

پاڪستان ٺھڻ کان پوء ھن ملڪ جي تعليمي نصاب ۾ تبديلين جو سلسلو شروع ٿيو جنھن ۾ ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويو ته نئين نسل جي ذھن ۾ ٻه قومي نظريو  جنهن کي پاڪستان جي ٺھڻ جو بنياد ليکيو ٿو وڃي وڌ کان وڌ پختو ڪيو وڃي. بقول ڊاڪٽر مبارڪ علي جي تاريخ قومن جي مجموعي سوچن ۽ روين تي گھرو اثر ڇڏيندي آ، انڪري ھر فاتح جي اھا ڪوشش ھوندي آ ته مفتوح قوم جي تاريخ کي ميساري، لڪائي يا وري ان ۾ پنھنجي مفاد مطابق تبديلي ڪري.
 نئين ملڪ پاڪستان جي پنھنجي ته ڪا تاريخ ھئي ڪا نه ڇو ته 1947 کان اڳ سندس ڪو وجود ئي نه ھيو، وري جن علائقن تي ھي ملڪ ٺھيو انھن جي ھزارين سالن جي تاريخ ۽ تھذيب موجود ھئي جيڪا انھن جي بطور قوم ھڪ الڳ سڃاڻپ کي اجاگر ڪيون بيٺي ھئي. جيڪا پاڪستان جي مقتدره لاء ناقابل قبول ۽ سندن مفادن جي برخلاف ھئي ۽ نئين ملڪ جي  اقتدار ڌڻين جي لاءِ ان ۾ ڪيترائي خطرا پوشيدا ھوا. انھن کي ان تاريخ جي ڳولا ھئي جيڪا سندن مفادن ۽ پاليسين مطابق ٻه قومي نظرئي جو سھارو بڻجي.

پاڪستان سرڪار سنڌ جي تاريخ مرتب ڪرڻ جي ذميداري سنڌي ادبي بورڊ تي رکي ۽  تاريخ لاء نظر انتخابات پئي چچ نامي نالي ڪتاب تي جو ان ۾ لکيل ڳالهيون نئين ملڪ جي وسيع تر قومي مفاد ۽ ٻه قومي نظريي کي جواز فراهم ڪرڻ لاء ڪارائتيون ھيون. بورڊ ان ذميواري نڀائڻ لاء ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو انتخاب ڪيو. ۽ اھڙي طرح 1954 ۾ چچنامي جو سنڌي ترجمو بورڊ طرفان شايع ٿي سنڌ ۾  عام ٿيو.
 ڏٺو وڃي ته چچ نامي کان علاوه ٻيو ڪو به ڪتاب سنڌي زبان ۾ قديم سنڌ جي تاريخ تي موجود ڪونھي. جنھن ڪري سنڌ جي تاريخ بابت معلومات حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندڙ جي مجبوري آ ته ھو  صرف چچ نامي ۾ ڏنل معلومات تي ئي تڪيو ڪري.
 مگر ھتي ھڪ اھم سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا قديم سنڌ يعني پھرين صدي ھجري واري سنڌ جي تاريخ صرف چچ نامي ۾ ئي موجود آ؟ يا ان کان علاوه ڪو ٻيو ذريعو به آھي جتان ان دور جي تاريخ بابت ڄاڻ ملي سگهي.
 عام قاري لاء ته اھو سوال غير اھم آ مگر تاريخ تي تحقيق ۽ تجزيو ڪرڻ وارن لاء نھايت اھميت وارو ا. ڇو ته محقق ڪنھن به چيز جو صرف ھڪ پھلو نظر ۾ رکي نتيجي تي نه پھچندو آ. ھو تاريخ جي مطالعي دوران ان دور جي سماجي، اقتصادي، مذھبي ۽ سياسي حالات کي ذھن م رکي ڪتاب ۾ درج واقعن ۽ روايتن جو تجزيو به ڪندو ھلندو آ، جتي به کيس ڪو تضاد نظر ايندو آ يا گمان پيدا ٿيندو آ ته ان کي دور ڪرڻ لاء ھو ٻين ذريعن مان مليل معلومات سان انھن جي ڀيٽ ڪري حقيقت جي ويجهو پھچڻ جي ڪوشش ڪندو آ. ھو ڪتاب جو مطالعو ڪتاب جي پھرين صفحي کان شروع ڪندو آ ته جيئن ڪتاب م درج معلومات پڙھڻ کان اڳ ڪتاب جي مصنف بابت معلومات حاصل ڪري سگهي.
تاريخي معلومات جي درستگي جو اندازو لڳائڻ لاء اصول آ ته جنھن جو واقعو ڪتاب ۾ درج آ ان دور يا ان جي قريب ترين دور جي راوين ۽ مصنفین جي روايتن کي بعد وارن راوين جي روايتن کان مٿانھون رکجي. ۽ گمنام يا گهٽ مشھور راوين تي مشھور راوين کي زياده  قابل اعتماد سمجهجي.
 اچو ته پھريون چچ نامي جو تجزيو ڪري ڏسئون ۽ پوء ان جد مقابل سنڌ جي تاريخ جي ٻين ذريعن کي ڳولي انھن سان ھن جي ڀيٽا ڪريون.
 سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪيل چچ نامي جي شروعات ۾ ئي ھن ڪتاب جو تعارف ڏنل آ. ڪتاب جي  طويل مقدمي ۾ پڻ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ھن ڪتاب بابت 3 اھم سوال ابتداء ۾ ئي رکيا آھن.

1. اصل عربي ڪتاب ڪھڙو ھو؟ ڪنھن جو لکيل ھو ۽ ڪڏنھن لکيو ويو؟

2. فارسي ترجمو جيڪو اسان تائين پھتو آ ان جي اصل ڪتاب سان مطابقت يا ان ۾ ڪيل ڦيرگهير ۽ اختلاف بابت ڪھڙي راء قائم ڪري سگهجي ٿي؟

3. خود فارسي ترجمي جي ترجمن يا ڇاپن ۾ ڪيتري قدر غلطين جي اصلاح ڪئي ويئي آھي ۽ ڪيتري قدر اڃان تائين گنجائش باقي آھي؟

 موجوده چچنامي جي فارسي مترجم علي ڪوفي( 7 صدي ھجري) جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن بابت تاريخ خاموش آ، ڇو ته سواء ان ھڪ ڪتاب جي ٻيو ڪٿي به سندس نالو نشان نٿو ملي جنھن مان اندازو لڳائي سگهجي ته ھو ڪو پنھنجي دور جو نامي گرامي عالم يا فاضل شخص ھو.

 چچ نامي ۾ موجود تاريخي واقعات ۽ روايتن جو تجزيو ڪندي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به  چچ نامي جي مقدمي ۾ اھا راء قائم ڪئي آ ته چچ نامي ۾ آيل اسلامي فتوحات بابت مواد بلاذري جي ڪتاب فتوح البلدان جي باب فتوحات السند تان نقل ڪيل ٿا لڳن. مگر اتي فتوح البلدان ۽ چچ نامي ۾ درج واقعات جي تفصيلات ۾ موجود فرق بابت ڊاڪٽر صاحب وري اھا راء ٿو قائم ڪري ته ٿي سگهي ٿو چچ نامي جي اصل عربي ليکڪ اھي واقعات ابو الحسن مدائني جي لکيل ڪتابن تان نقل ڪيا ھجن جيڪو بلاذري، يعقوبي ۽ طبري جو پڻ راوي آ مگر سندس لکيل اصل ڪتاب پراڻي زماني کان متروڪ آھن.
اضافي روايتن جي اصل ماخذ جي ڇنڊ ڇاڻ واري ڊگهي موضوع کي ملتوي ڪندي ھتي چند مثال انھن مشترڪ روايتن جا پيش ڪرڻ ضرورر آھن جيڪي چچ نامي کان علاوه قديم ترين عرب تاريخ دانن جي ڪتابن ۾ به موجود آھن مگر ٻنھي جي انداز بيان ۽ متن ۾ واضع فرق آھي.

  مثال طور محمد بن قاسم جي سنڌ تي حملي ڪرڻ جو مکيه ڪارڻ، سريلنڪا جي راجا پاران خليفي کي موڪليل تحفن جو سنڌ جي حد ۾ ڦرجڻ.
 چچ نامي جي روايت:
  چون ٿا ته سرانديپ جي راجا جزيري يواقيت مان حجاج لاء ٻيڙيءَ رستي تحفا ۽ سوکڙيون موڪليون ، انھن سان گڏ عجيب موتي ۽ جواھر، حبشي ٻانھا ۽ ٻانھيون، پڻ ٻيا لائق تحفا ۽ بي مثال ۽ سانڍڻ لائق سوکڙيون دارالخلافت ڏانھن به روانيون ڪيائين. ڪي مسلمان زالون پڻ ڪعبي جي زيارت ۽ خلافت جي تختگاه ڏسڻ لاء انھن سان گڏجي روانيون ٿيون. جڏنھن قازون ملڪ ۾ پھتا ته مخالف واء اٿيو ۽ جھازن کي توائي ڪري وڃي ديبل جي ڪناري تي ڪڍيائين. ھڪ چورن جو ٽولو جن کي نڪامره چوندا ھئا ۽ ديبل جا رھاڪو ھوا، سي اٺن ئي جھازن کي پڪڙي انھن ۾ پيل پيل سامان کڻي، مردن ۽ زالن کي گرفتار ڪري، سامان ۽ جواھر سڀ ڍوئي کڻي ويا. سرانديپ جي بادشاه جي ماڻھن ۽ عورتن گهڻو ئي چيو ته ھو، ھي مال وقت جي خليفي ڏانھن نيئي رھيا آھن مگر انھن توجه نه ڪيو ۽ سڀني کي بند ڪري چيائون ته؛ جيڪڏنھن توھان جو ڪو داد رسي ڪرڻ وارو آھي ته پاڻ کي وري خريد ڪريو. اتي ھڪڙي زال دانھن ڪري  چيو ته؛ او حجاج او حجاج منھنجي واھر ڪر، منھنجي واھر ڪر. اھا عورت بني عزيز قبيلي مان ھئي. حجاج ھيء ڳالھ ٻڌي چيو، لبيڪ لبيڪ.

اھا ساڳي ئي روايت بلاذري جي ڪتاب فتوح البلدان ۾ ڪجھ ھن طرح لکيل آ:

( مڪران تي) نمري جي زمانه ولايت ۾ جزيري ياقوت جي راجا، حجاج ڏانھن ڪجھ عورتون تحفو ڪري موڪليون، ھي عورتون مسلمان ھيون ۽ ان راجا جي ملڪ ۾ ئي ڄايون ھيون. انھن جا وڏا اتي واپار ڪندا ھئا ۽ اتي ئي فوت ٿيا. راجا حجاج کي خوش ڪرڻ لاء اھي عورتون موڪليون.  جنھن ٻيڙي ۾ اھي سوار ھيون تنھن کي ديبل جي "ميدن" جيڪي جنگي ڪشتين ۾ سوار ھوا، ان ٻيڙي ۽ ان ۾ موجود سمورد سامان تي قبضو ڪيو. قبيله يربوع جي ھڪ عورت حجاج کي پڪاريو، حجاج کي جڏنھن خبر پئي ته جواب ۾ چيائين مان آيس.

 انھن ٻنھي روايتن جي اڀياس ڪرڻ مان ئي معلوم ٿي وڃي ٿو ته چچ نامو تاريخ جو ڪتاب نه پر ڪو تاريخي افسانو آ جنھن ۾ تاريخ جي ڪردارن ۽ واقعات کي بنياد بڻائي، مصنف مرچ مصالحه ملائي پنھنجي من پسند ڪھاڻي گهڙيندو آ ۽ تاريخي ڪردارن کي پنھنجي گهڙيل ڪھاڻي مطابق ھلائي پڙھندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو آ. 

2 comments:

Bozdar Mustafa said...

Exactly I do believe this book as an story of fiction.................It also does not pass the forensic test as falls short of the method of communication between the enslaved people, kidnappers and the ruler Hujaj............The narration does not have much rytheme of interlinking the events and incidents...................
I agree with the author that this seems an effort to concoct own inclination....

Unknown said...

بلوچ صاحب سنڌ جو بهترين محقق آهي ۽چچ نامون سڌ جي قديمي تاريخ آهي ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي انهن کي رد ڪرڻ يا جراح ڪرڻ لاء ڪنهن مضبوط دليل جو سهارو وٺو باقي مخالف براء مخالف مان صرف لساني ۽ مذهبي تعصب ظاهر ٿئي ٿو جنهن کي ڪو به اهل علم تسليم نه ڪندو